بلوچستان ۾ آيل وڏي آفت ۽ حڪومت جي مجرماڻي سُستي!

بلوچستان ھن وقت وڏي آفت کي منھن ڏئي رھيو آھي،طوفاني برساتن جو سلسلو تاحال جاري آھي،جبلن تان لھندڙ تيز رفتار پاڻي جا وھڪرا انسانن ۽ جانورن سميت سمورو الھھ تلھھ کي کڻي وڃي رھيا آھن، انسان بيوسي وچان چاھيندي بھ پنھنجن پيارن کي بچائي نھ پيو سگھي،ھاڻوڪي غيرمعمولي برساتن سموري صوبي کي ھڪ ڏک ڀري تصوير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي،جابلو نئيون ھرھڪ شيءِ کي پاڻي سان لوڙھي کڻي ويون آھن.حڪومت توڻي لاڳاپيل ادارن جي روايتي سستي ھڪ المئي کي جنم ڏئي ڇڏيو آھي،ھزارين ماڻھون برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل آھن،لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي ھيٺ آيل آھن،شاھوڪار صوبي جا غريب ماڻھون بي آسرا ٿي کليل آسمان جي ھيٺ ويٺل آھن. پلين ۽ روڊن رستن جي ڊھي وڃڻ ۽ تباھھ ٿيڻ جي ڪري بلوچستان جي ٻين صوبن سان گڏوگڏ خود بلوچستان جي علائقن جو صوبي جي ٻين حصن سان رابطو ڪٽجي ويو آھي.

جيتوڻيڪ حڪومت ھاڻي حرڪت ۾ آئي آھي پر تيستايئن بلوچستان ۾ وڏيو نقصان ٿي چڪو آھي.

ھر دور ۾بلوچستان قدرتي آفتن کي منهن ڏيندو رھي ٿوجنھن ۾ ان  عوام کي وڏو جاني توڻي مالي نقصان سھڻو پوي ٿو.جنھن ۾ قدرت سان گڏ وس وارن ۽ اختيارين کي بھ ان ڏوھھ مان آجو نٿو ڪري سگھجي.بلوچستان ۾ھن وقت تائين  فوتين جو انگ 136 ٿي ويو آهي،جنھن ۾ ٻار ۽ عورتون بھ شامل آھن.برسات ۽ ٻوڏ هيل تائين 14 هزار گهرن کي نقصان رسايو آھي ھزارين ماڻھو بنا ڪنھن اجھي ۽ خوراڪ جي پريشان ويٺا آھن. انگن اکرن موجب صوبي جي ڪل 34 ضلعن مان 26 ضلعا گھڻو متاثر ٿيا آھن، جنھن ۾ بھ تمام گھڻو متاثر ٿيندڙ ضلعن ۾ لسٻيلو، ڪوئٽيا، چاغي، زيارت، مستونگ، مسلم باغ، دالبندين، بارکان، ڊيربگٽي، ڪيچ، جھل مگسي، نوشڪي پنجگور، قلات،پشين،قلعو سيف اللھھ۽ ٻيا شامل آھن،ڏھھ ڊئم ٽٽي پيا آھن جڏھن تھ سوين ننڍن وڏن ڊئم کي نقصان ٿيو آھي،لسٻيلي لڳ ڪراچي ڪوئيٽا واري مشھور آر سي ڊي روڊ تي پل ھفتي کان ڊٺل ھئڻ ڪري سوين ماڻھون اتي ڦاٿل آھن،ڪيتريون گاڏيون مختلف روڊن ۽ رستن تي بيٺل ھئڻ ڪري اڳي ئي ڊهي ويل رستا سوڙھا ۽خطرناڪ ٿي پيا آھن. اھڙي حالت ۾ بھ بلوچستان جي حڪومت ھجي يا وري صوبي جي ڊزاسٽر مينيجمنيٽ اٿارٽي ڪو بھ اھڙو ڪم نھ ڪيو آھي، جنھن مان اھو اندازو ٿئي تھ اھي ماڻھن جي جوڳي سار لھڻ ۾ سنجيده آھن.

ھن وقت جي امدادي سرگرمين جي چر پر بھ اربع واري ڏينھن کانپوءِ شروع ٿي آھي،پر اھو عمل ايترو سست رفتار آھي جو ان ۾ ھاڻي وڌيڪ دير ٿيڻ سان اھو خطرو موجود آھي تھ انساني حياتين کي وڌيڪ نقصان رسي سگھي ٿو.

بلوچستان ۾ قدرت جي ھي رحمت ايتري زحمت نھ بڻجي ھا جيڪڏھن سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارا عوام ۽ عوام جي جمع پونجي کي بچائڻ جي لاءِ ڪا اڳواٽ رٿابندي ڪن ھا.

ھن ڀيري تھ موسميات کاتي وارن اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ھو ۽ ان جي تلسلسل ۾ وقت بوقت اھڙي آگاھي پڻ اھو کاتو ڏيندو رھيو ھو پر اسان وٽ سرڪار ۽ اتنظاميھ عوام جي حقيقي مسئلن کي ڪڏھن اوليت ئي نھ ڏني آھي جنھن ڪري ھن ڀيري بھ ساڳي روايت تي ھلندي عوام کي قدرتي آفتن جي ڏاڍ کان بچائڻ جي لاءِ ڪو بھ جوڳو بندوبست نھ ڪيو ويو ھو.جنھن جي نتيجي ۾ ھن وقت سمورو صوبو ٻڏي ويو آھي.

بلوچستان ۾ غيرمعمولي برسات سببب ھاڻي اتي جبل بھ پنھنجي جاين کسڪڻ لڳا آھن،لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري باقي رھيل سھيل روڊ رستا بھ بند ٿي رھيا آھن.جڏھن تھ لينڊ سلائيڊنگ سان گھرن توڻي ٻئي نقصان جو بھ امڪان پنھنجي جاءِ تي موجود آھي.

ٻن مھينن کان جاري برساتن ۾ ھن صوبي ۾ ڪافي تباھي ٿيڻ کانپوءِ اندازو ٿي رھيو آھي تھ ھاڻي صورتحال گھڻي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آھي، سرڪاري، نجي عمارتن، ڊيمن، روڊن، پلين، ريلوي ٽريڪن، زراعت، باغن سميت هر شعبي کي نقصان پهچي چڪو آهي.

اھو درست آھي تھ برساتن گذريل 30 سالن  جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ هن سال 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون وسيون آهن پر حڪومت ۽ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ واري اٿارٽي ( پي ڊي ايم اي) ڪي بھ اڳواٽ انتظام نھ ڪيا ھئا  جنھن سبب برسات وڌيڪ نقصان رسايوِآھي،هڪ اندازي موجب ھن وقت چاليھھ لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سوين ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن،مواصلاتي رابطن ڪٽجي وڃڻ سان جيڪي ڪنھن حد تائين بھتر حالت ۾ آھن انھن وٽ بھ روزمرھ جو سامان سرڙو ختم ٿي ويو آھي ڇاڪاڻ جو شين ۽ سامان جي سپلاءِ معطل ٿي وئي آھي.بلوچستان ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن کي بچائڻ جي لاءِ،ھنن کي رسڪيو ڪرڻ يا ھنن جي عارضي رھڻ ،خوارڪ جي بندوبست بابت سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪوشش اٽي ۾ لوڻ برابر ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي.

وفاقي توڙي صوبائي سرڪار توڻي عالمي امدادي ادارن کي اپيل ڪجي ٿي تھ ھن ايمرجنسي صورتحال کي تسليم ڪندي ھنن ماڻھن جي انساني بنيادن تي مدد ڪئي وڃي.

وزيراعظم بلوچستان جي متاثر علائقن جو دورو ڪيو آھي ۽ امدادي ڪاررواين جي نگراني جي لاءِ ھڪ ٻيو دورو پڻ ڪيو آھي،اھا ھڪ مثبت ڳالھھ آھي پر سياسي سماجي حلقا وفاق ۽ صوبائي سرڪار جي تاحال ڪوششن کي ناڪافي قرار ڏئي رھيا آھن.ھنگامي حالتن ۾ پھرين صورتحال جي نزاڪت کي تسليم ڪرڻ جي ضروت ھوندي آھي جنھن ۾ سرڪار گھڻي دير ڪئي، ان بعد ريسڪيو جو مرحلو اچي ٿو جنھن ۾ بھ سست رفتاري جون شڪايتون اچي رھيون آھن،ان بعد بحالي جو سلسلو اچي ٿو، انھن ٽنھي مرحلن ۾ ٿيل دير سبب صوبي ۾ حالتون وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳيون ٿي ويون آھن.

اميد ڪجي ٿي تھ ھاڻي سرڪار برسات ۽ ٻوڏ سبب وڌيڪ ٿيندر  تباھي ۽ عوام جي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان  کان بچائڻ جي لاءَ ڪي ھنگامي قدم کڻندي جنھن سان عوام کي اھو احساس ٿئي تھ حڪمران ھنن کي بھ انسان طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.