ٻڏندڙ سنڌ ۽ لاتعلق سرڪار

الياس سمون

جولاءِ ۾ موسميات کاتي جون وارننگون ڪٿي ابتيون ڪٿي بستيون برسات جو سلسلو اندازي کان مٿي ٿي ويو وڏو اثر سامونڊي پٽي تي ٿيو  ڇو ته سامونڊي پٽي کي ترقيءَ جي آڙ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي ٺٽي جي سامونڊي علائقي کي مٺو پاڻي پھچائيندڙ اڏيرو لعل بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ 18 شاخون جن کي وقت جي اقتداري ڌر وڏو منافعو ڏسي سي سي ڪيو جن جي سائز گھٽ رکي وئي هئي ۽ منھن کان ھيٺ ۽ پوڇڙ کان مٿي ڪيو ويو هو بغير پلاننگ جي جڳاڙي ڪم ڪري پيسا ڪمايا ويا هئا عوام جي مخالفت باوجود ڏاڍ تي ڪم ڪرايو ويو ھن وقت تائين ھلندڙ برسات جو پاڻي بئراج ۽ شاخن مان نيڪال نه ٿي سگھيو شاخون اوور ٿي ويون جنھن سبب علائقي ۾ سمورا ڳوٺ رستا فضل پاڻي ٿي ويا ائين پئي لڳو ڄڻ سمنڊ ھجي سم نالن تي به رسمي ڪم ڪرايو ويو جڏهن سمورو علائقو ٻڏي ويو ھزارين خاندان دربدر ٿي روڊن رستن تي بي يارو مددگار اچي ويٺا لکين ايڪڙ زمين فصل پاڻي هيٺ اچي ويا تڏھن انتظاميا لاپته ٿي وئي.

برسات کي چڱا ڏينهن گذري ويا آهن پر ھيل تائين علائقي ۾ ڳوٺن ۾ پاڻي موجود آهي صورتحال تشويش ناڪ ٿي وئي آهي مليريا گيسٽرو وبائي صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي سرڪار جون سموريون سرڪاري اسپتالون سنڌ سرڪار جي ھڪ نجي اين جي اوز جي حوالي آهن جن ۾ ٽڪي جي نه دوا نه گوري ڪجهه به موجود ناهي جڏھن ته ھن وقت ايمرجنسي پڻ لاڳو آهي جڏھن ته ٺٽو جي سامونڊي پٽي ڊيزاسٽر زون پڻ آهي جتي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڊيزاسٽر مينيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين آهي. ايمرجنسي بنيادن تي فنڊنگ پڻ موجود آهي پر ذميوار چيئرمين صاحب صفا لاتعلق لڳو پيو آهي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي صورتحال کي منهن ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ خراب ڪيو ويو آهي.

ھاڻي وري موسميات کاتي جون الرون جاري آهن  آگسٽ ۾ سنڌ ۾ ڪيتري برسات پوندي ۽ ڪڏهن شروع ٿيندي شيڊول ته جاري ڪيو ويو آهي پر ان جي حوالي سان ڪي بچاءِ جا به خيال ھجن جن تي اسان جي انتظاميا ڪڏھن توجهه ناھي ڏيندي موسميات کاتي جو تفصيل ٻڌي ھاڻي روئڻ ٿو اچي

آگسٽ جي مهيني ۾ سڄي سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جيڪو جولاءِ جي مهيني کان وڌيڪ تيز رهڻ جو امڪان آهي مطلب پھريان رھيو ته ڪجهه ناهي جو ھاڻي ويندو ، آگسٽ جي مهيني ۾ چنڊ جا منتر متوقع آهن اسان جي ٻولي ۾ چانڊوڪي برسات اونداهي واري برسات کان زيادھ ھوندي آھي جيڪا ھاڻي شيڊول ۾ اچي پئي .

آگسٽ جي مهيني دوران مون سون جا 5 اسپيل سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا پڪ ناھي پر شڪ جي بنياد تي موسميات کاتي وارا چوندڙ آهن ڇو ته انھن جو اندازو پورو نٿو بيھي ، جنهن جو هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جو امڪان آهي.

پهرين اسپيل: آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ اميد آهي ته 3 يا 4 آگسٽ تي پهريون اسپيل اچي سگهي ٿو شڪ جي بنياد تي آهي پوءِ ڏسجي .

ٻيو اسپيل:  8 يا 9 آگسٽ، ٽيون اسپيل: 15 آگسٽ، چوٿون اسپيل:  20 يا 21 آگسٽ ۽ پنجون اسپيل:  25 يا 26 آگسٽ تي متوقع آهي ٺيڪ پر انهن کي به پڪ ناهي ته ايندو الائي نه . وري ياد رهي ته موسم جي تبديلي سبب مون سون جي اسپيل جون تاريخون تبديل ٿي سگهن ٿيون، جنهن جي تصديق وقت تي ٿيندي ته ڪهڙو اسپيل ڪڏهن اچي رهيو آهي، باقي پڪ آهي ته 5 آگسٽ تي سنڌ ۾ برسات ٿيندي پو ڪيتري ٿئي ٿي .

جنهن جو امڪان خليج بنگال ۽ عربي سمنڊ مان آهي،  جون جولاءِ آگسٽ ۾ سمنڊ ته ھونئن به تيز ھوندو آھي اسان پاڻ لوڪل سطح تي شڪ جي بنياد تي چئون ٿا ته عربي سمنڊ هن ڀيري ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ سٺي برسات آڻي سگهي ٿو سمنڊ ھن وقت تيزيءَ جي بجاءِ نارمل آهي جنھن ۾ برسات يان سائيڪلون ممڪن آهي بڻجي سگھي ٿو .موسميات کاتي جو به چوڻ آهي ته ھن وقت ماھرن مطابق ڪلائميٽ چينج ٿي چڪو آهي بهرحال برسات ڪيتري به ٿئي پوري ملڪ ۾ پاڻيءَ جو نيڪال اسان وٽ انڊس ڊيلٽا آهي ھن وقت ڊيلٽا پياسي آهي ڊيلٽا کي پاڻيءَ جي وڌ کان وڌ ضرورت به آهي ڪيترو به پاڻي اچي سڪون سان سمنڊ کڻي ويندو باقي بند ٽوڙي جي ٻوڙيندا ته ٻوڙي به سگھن ٿا. اھا انهن جي مرضي .ھي جيڪي موسميات کاتي جا سڌا اڻ سڌا خدشا آهن

ھن صورتحال ۾ حڪومتي ادارن کي گھرجي  ته برساتن جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ ۾ تياريون مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن نقصان کان بچي سگهجي ڇو ته رھيل صرف شھر آھن ٻھراڙين ۾ ھونئن به ڪجهه ناھي رھيو.سرڪار سڳوري ته ھونئن به بيخبر آهي  ڪو به اڳواٽ پلان ناهي ھوندو تباهي کان پوءِ فوٽو سيشن تي وٺ وٺان ھوندي آھي

گندو پاڻي واپرائڻ سبب ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ جي علائقن ڳاڙھو ٻگھاڻ ڪيٽي بندر ۾ گيسٽرو ڦهلجي ويو آهي، سوين ماڻهو اسپتالن ڀيڙا سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آهي ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽيءَ جي علائقن ڳاڙھو ٻگھاڻ ڪيٽي بندر ۾ تازين شديد برساتن کانپوءِ ساحلي پٽيءَ جي مک بئراج اڏيرولال سميت 18 شاخن کي بند ڪري انھن ۾ برسات جو ڪنو ۽گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي ساحلي پٽيءَ هجڻ ڪري اڪثر علائقن ۾جر جو پاڻي کارو هجڻ ڪري هزارين ماڻهو بئراج شاخن ۽واهن جو پاڻي واپرائين ٿا جنهن سبب پوري ساحلي پٽيءَ جي علائقن ۾ خطرناڪ موذيءَ مرض گيسٽرو ڊائريا مليريا تيزي سان ڦلجڻ ڪري سون جي تعداد ۾مرد عورتون ۽معصوم ٻارڙا سرڪاري ۽خانگي اسپتالن ڀيڙا آهن پر ستم ظريفي اها آهي ته هتان جا رورل هيلٿ سينٽر اين جي اوز حوالي ۽بنيادي صحت مرڪزن پي پي ايڇ آءِ حوالي هجڻ سبب دوائن جي کوٽ آهي مريضن کي هڪ گوري به نٿي ملي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ايمرجنسي هجڻ باوجود سرڪارين اسپتالن مان برسات جو پاڻي به انتظاميا نيڪال نٿي ڪري ۽ نه ئي علائقن ۾ مڇرن ماراسپري ڪرايو ٿو وڃي جنهن ڪري ساحلي پٽيءَ ۾ خطرناڪ وائرس وڌيڪ ڦلجڻ جو انديشو آهي بئراج شاخن واهن ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏيو ويو ته وڌيڪ مريضن جي پيدا ٿيڻ جو  انديشو آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.