فوجي بجيٽ، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان گڏ نه ٿا هلي سگهن

فاروق سلهريا

سياست معيشت جو آئينو ھوندي آهي. ان مارڪسي سوچ جو بهترين اظهار پاڪستان ۾ نظر اچي رهيو آهي. معاشي بحران لولي لنگڙي بي اصول بورجوازي فوج، عدليه، سڀني کي ورهائي ڇڏيو آهي.عدالت ڪيتري ورهايل آهي، ان جو اندازو تازي تماشي مان لڳائي سگهجي ٿو. چيف جسٽس جن پنجن ججن کي ”ڀرتي“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ڪاميابي نه ملي. هاڻي چيف جسٽس پاڻ ئي اعلان  ڪيو تھ تجويز ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو ھو.ان کان صرف ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳي سوچ رکندڙ ججن فل ڪورٽ ٻڌڻي بدران پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏي وزير مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن سان واضح ٿي ويو هو ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سياسي طور تي ورهايل آهي.

ھوڏانھن رياست ۽ سياست جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور حصو فوج، پهريون ڀيرو ايتري قدر ورهايل آهي جو شايد اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آهي. بظاهر ته رٽائرڊ فوجي آفيسر عمران خان جي حمايت ۾ ريليون ڪڍندي  نظر اچي رهيا آهن پر جنھن نموني جنرل قمر جاويد باجوا جي خلاف سوشل ميڊيا تي ڏينهون ڏينهن ٽرينڊز هلي رهيا آهن ۽ انھن جي خيرعافيت معلوم ڪرڻ جي لاءِ ڪو ويگو ڊالو موڪليو نھ پيو وڃي جنھن سان ان ڳالھھ جو چٽو اشارو ملي ٿو تھ معاملا ڪيترا گڙ ٻڙ آھن،ايندڙ فوجي سربراهه جي معاملي تي جيڪي اختلاف سامهون آيا هئا، اهي هاڻي وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن.سياسي جماعتن جي حالت اها آهي ته سندن مقبوليت جو اسٽاڪ ڪجهه هفتن ۾ ڪڏهن بيئرش bearishٿي ٿو وڃي تھ وري ڪڏھن bullish.ويندو آهي.

تازو پنجاب جي ضمني چونڊن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ووٽر ڪنهن به سياسي پارٽي يا سياسي خاندان جو غلام ناهي. خريد ڪيل  صحافي جيڪي ڏينهن رات ماڻهن کي چوندي نه ٿڪجندا ھئا  تھ حمزا شهباز چونڊ سياست جو ڪو جينيئس آهي، اھي خبر ناهي اڄ ڪلھه ڪٿي آهن. ٽن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾، مسلم ليگ نواز صوبي جي مقبول ترين پارٽي ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ غير مقبول سياسي پارٽي بڻجي وئي آھي.

ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي غير مقبوليت جي عروج تي هئي. ان جو هڪ مظهر اهو به آهي ته پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ نواز ليگ جو جيڪو حال ٿيو، اهو ئي حال هر ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف سان ٿي رهيو ھو. وڏيون جماعتون اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ کان ايترو نه پيون ڊڄن، جيترو اقتدار ۾ اچڻ کان ٿي رھيون آھن.ان خوف جو سبب اهو آهي ته آءِ ايم ايف جو ڀوت هر حڪومت جي مٿي تي ٽنگيل  رهيو آهي. هي ڀوت ايترو ته خوفناڪ آهي جو ڪنهن به مھم جو ، کي ٽيليويزن جي اسڪرين تي اچي ”پيارا ھم وطنو…..“ چوڻ جي جرئت بھ نه پئي ٿئي.هن سياسي ۽ معاشي بحران جي بنيادي سببن جو مختصر احوال ھي آھي.

مٿئين مضمون جو خلاصو اهو هو ته فوجي بجيٽ، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن.ان بحران مان نڪرڻ جو ڪو روايتي سرمائيداري وارو رستو موجود ناهي. بنيادي قدم کڻڻا پوندا:

  1. تھ عالمي قرض ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي..

2.فوج جي بجيٽ ۽ جنرلن جي رياعتن کي گهٽايو وڃي.

  1. 3. امير طبقي کي ملندڙ 33 هزار ارب جي سبسڊي ختم ڪئي وڃي.
  2. 4. رياست عوام جي اٽي، لٽي ۽ رهائش جي ذميواري کڻي ۽ عوام جي روزگار کي يقيني بڻائي.

نيو لبرل معاشي ايجنڊا پاڪستان جي عوام کي نپوڙي ڇڏيو آھي.

  1. معيشت کي سوشلسٽ بنيادن تي منظم ڪيو وڃي.

مٿي ذڪر ڪيل قدمن کڻڻ لاءِ ڪا بھ عوامي سياسي جماعت تيار نھ آھي، ان ڪري عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عوام سري لنڪا وانگر روڊن تي نه نڪرندو تھ  موجوده حڪمران طبقو پاڪستان جي ماڻھن کي بک ۾ ماري ڇڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.