غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف 15 هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ، احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ سرڪار جو دٻاءُ

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري)ڪراچي جي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ کي ڊاھڻ خلاف متاثر رھواسين طرفان ڪالهه  پندرھين ڏينھن ب،  احتجاج جاري مختلف قومي سياسي اڳواڻن ڪارڪنن سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن جي آمد، خبرموجب عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مالڪاڻا حقوق ن،  ملڻ تائين تحريڪ جاري رکڻ جو عزم سرڪاري ڌر جي ڪارندن پاران احتجاجي ڪئمپ تي پھچي ساڻن ڳالھيون ڪري ختم ڪرڻ لاءِ پريشر وڌو ويو متاثرن پاران پئدا ٿيل صورتحال بابت حڪومتي ڌر جي ذميوار عملدار يا وزير طرفان اچي ڳالھيون ڪري خاطري بعد ڪئمپ ختم ڪرڻ لاءِ  چيو ويو قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين نواز خان زئور،  سينيئر وائيس چيرمين محمد علي خشڪ قومي ناري محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سنڌو عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو لعل محمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ سبحاني ڏاھري، عمراھ سمون پرھ سومرو، ساک سومرو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اقبال جروار، سنڌي مزدور تحريڪ اڳواڻ زبير نوناري، عبدالله ترڪ، عزيز لانگاھ، منظور سولنگي، نوروز ڪلمتي ايس يو پي اڳواڻ غلام  مصطفيٰ چانڊيو ،اسحاق مشوري ۽ ٻيا احتجاجي ڪئمپ تي پھتا ۽ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ان موقعي تي ڳالھائيندي نواز خان زئور چيو ت،  سنڌ ڌرتي جا وارث سنڌي آھن جن کي ڪراچي ۾ رھائش سوڌو ڪاروبار ڪرڻ جو مڪمل حق آھي ھن چيو ت،  رياست جي ذميواري آھي ت،  شھرين کي تحفظ ڏي پر ھتي سنڌ سرڪار قبضا مافيا بلڊر مافيا جي ساٿاري بڻجي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري پئي جيڪا ڪنھن ب،  صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ ن،  ڏني ويندي ھن چيو ت،  آفيسرن کي معطل ڪرڻ مسئلي جو حل ن،  آھي جيستائين عبدالله شاھ غازي ڳوٺ وارن کي مالڪاڻا حق ن،  ڏنا وي، ندا سنڌ جو شعور جدوجھد جاري رکندو سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمراھ سمون چيو ت،  پوليس جنهن بي حيائي جو مظاھرو ڪندي سنڌ جي نياڻين مٿان گوليون ۽ شيل وسايا آھن ان عمل تي کين بخش ن،  ڪيو ويندو ان تي مذھبي ڌريون خاموش ڇو آھن ھن چيو ت،  ڪراچي ۾ بھارين ۽ بنگالين کي تحفظ ۽ اصل ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ ڪٿان جو قانون آھي پرھ سومرو ۽ سبحاني ڏاھري چيو ت،  سنڌياڻي تحريڪ طرفان عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين مٿان ٿيندڙ پوليس گردي ۽ ڳوٺ کي ڊاھڻ واري عمل خلاف جلد لائح عمل جوڙي جلد ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو عوامي جمھوري پارٽي جو اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو ت،   ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ لاء ڪاروايون ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آھي ھنن گھر ڪئي ت،  شاھ غازي ڳوٺ کي ريگيولر ڪري رھواسين کي مالڪاڻا حقوق ڏئي رھواسين خلاف داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ن،  ٿيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رھندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.