غازي ڳوٺ آپريشن: بااثر ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ ڪارروائي کان آجو

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) غازي ڳوٺ اي بلاڪ ۾ پوليس ڪاهه جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان ڪيل جاچ جي شروعاتي رپورٽ ميڊيا هٿ ڪري ورتي آهي ، ڊي سي اوڀر طارق چانڊيو طرفان ذميوار قرار ڏنل بااثر ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي . رپورٽ ۾ ذميوار قرار ڏنل ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ بدران سچل ڳوٺ جي ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو، حد دخلين خلاف آپريشن جو شيڊول اي سي ۽ مختيار ڪار، ايڊيشنل ڊي سي سان ملي جاري ڪرايو، جيڪو ڳجهو هو . رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن جي اجازت به ڊپٽي ڪمشنر کان نه ورتي وئي، پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس پاڻمرادو آپريشن ڪيو، جڏهن ته آپريشن دوران روينيو کاتي جو ڪو به آفيسر موجود نه هو ، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر اوڀر اسسٽنٽ ڪمشنر جي رويي ۽ سندس ڪرپشن سبب اڳ ۾ به سندس خلاف اعليٰ اختيارين کي لکيو ويو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.