غازي ڳوٺ ۾ مزاحمت ڪندڙ نياڻين کي ڀيٽا پيش

گلشن اقبال (ن ع آ) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو ۽ ٻين غازي ڳوٺ پهچيازي ڳوٺ ۾ پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪري تشدد برداشت ڪندڙ پنهنجي ڀينرن کي نياڻين کي اجرڪ اوڍايا ۽ سندن مٿي تي هٿ رکي کين همت ۽ حوصلي تي سلام پيش ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هي ڀينرون مزاحمت جي علامت بڻجي ويون آهن قوم جو تسلسل ائين برقرار رهندو آهي جڏهن عورت اڳڀري ٿيندي آهي هن چيو ته هنن ڀينرن جي همت کي قومي سلام پيش ڪيون ٿا جن پنهنجا گهر بچائڻ خاطر پاڻ مٿان گوليون آنسو گيس جا شيل ۽ سخت تشدد برداشت ڪرڻ باوجود به همت ۽ حوصلو نه هاريو آهي هن چيو ته اسين شهيد بشير خان قريشي جا سپاهي ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جا پوئلڳ آهيون پنهنجي حقن تان ڪڏهن دستبردار نه ٿينداسين غازي ڳوٺ ۾ مسلسل جدوجهد جي علامت هنن ڀينرن کي سلام پيش ڪيون ٿا پنهنجي سنڌي ماڻهن نياڻين ۽ ڀينرن کي تڪليف ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.