غازي ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ” سسٽم“ کي هڪ ارب ڏنا ويا؟سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) غازي ڳوٺ،ڏيڍ ارب رپين جي راند، ناليواري صحافي عاجز جمالي سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ڊپٽي  ڪمشنر ڪراچي اوڀر راجا طارق چانڊيو عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي مامري تي سرڪاري آفيسرن کي قصور وار قرار ڏنو آھي، مليل ڄاڻ مؤجب ھن مامري ۾ مشھور بلڊر(م ج) سان سودو ڪيو ويو ھئو ته 30 هين جولاءِ تائين غازي ڳوٺ جو بلاڪ  E  خالي ڪرائي ڏينداسين، ان مقصد لاءِ بااثر بلڊر کان ھڪ ارب رپيا ورتا ويا ھئا۔ اھي پئسا  جن ورتا انھن کي “ سسٽم” چيو  ويندو آھي۔ پر ڊي سي ايسٽ طارق چانڊيو سسٽم جي سيٽنگ ۾ نه آيو ته  ٻئي عملدار سان سيٽنگ ڪئي وئي۔ جنھن کي ھاڻي معطل ڪيو ويو آھي،منھنجي ڄاڻ مؤجب ڊپٽي ڪمشنر طارق چانڊيو آپريشن جي مخالفت ڪئي ھئي۔ جنھن سبب ھاڻي سڄو مامرو ڳوٺاڻن جي حق ۾ آھي، ڊي  سي جي انڪوائري رپورٽ ۾ به سرڪاري آفيسرن کي ڏوھي قرار ڏنو ويو آھي۔ ھن مامري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ جس لھڻي۔ ھاڻي ڏسون ته ھن رپورٽ تي سنڌ سرڪار ڇاٿي ڪري ؟

پ پ قبلو درست ڪري، سنڌي ننڌڻڪا ناهيون: ام رباب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پيپلز پارٽي پنهنجو قبلو درست ڪري اسان سنڌي نڌڻڪا نه آهيون، اسان سنڌ جا حقي وارث آهيون، سنڌ جا حڪمران پنهنجي ڌرتي سان سچا نه آهن، پ پ پ کي ووٽ وٺڻو هوندو آهي ته هو سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندا آهن،جنهن کان پوءِ هو سنڌي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا آهن،  اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ام رباب ڳالهائيندي ڪيو،  هن چيو ته منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو تقريبن 5 مهينا اڳ دادو جي ماڊل ڪورٽ مان اسٽي ورتي آهي، جنهن کان پوءِ هو گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر به جوابدارن کي باربار پيش ٿيڻ لاءِ حڪم ڏنو هيو، جتي هو پيش نه ٿيا ۽ عدالت سڳوري سندن جي غيرموجودگي ۾ آرڊر پاس ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته مونکي الله پاڪ جي ذات تي يقين آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف ضرور ملندو،  هن چيو ته دادو ضلعي ۾ خاص ڪري ميهڙ سٽي اندر بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.