”سنڌين جي ڪراچي مان بي دخلي نامنظور“ غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) غازي ڳوٺ مٿان پوليس جي چڙهائي عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، الاهي بخش بڪڪ، اشرف ڪلھوڙو ،آصف رضا مگسي، سهيل ڀٽو، اصغر بروهي ،انور جمالي، جي ايم سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج دوران ميڊيا سان جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، الاهي بخش بڪڪ ،اشرف ڪلھوڙو چيو ته ڪراچي ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون سميت سوين غير قانوني هائوسنگ اسڪيمون جوڙيون ويون آهن، پر ڌرتي جي وارثن کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ لاءِ قديمي ڳوٺ ڊاهيا وڃن ٿا، عبد الله غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن جي مذمت ڪندي گُهر ڪيون ٿا ته غازي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن  مٿان تشدد، گهر ڊاهڻ جو ڪيس داخل ڪري ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي،  هنن چيو ته سنڌي قوم لاوارث ناهي،هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي ڏوڪري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ڊاهڻ سميت سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ ڏوڪري ۾ جسقم ڪارڪنن ضلعي آرگنائيزر رڪ سنڌي، امتياز کوھارو، عمير خان جوڻيجو، سڪندر ٿهيم، راشد جتوئي، گل منگي، مزمل شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير غازي ڳوٺ سميت سنڌي سمورين آبادين تي انتظاميا  پاران ڪاھ بند ڪري سنڌي آبادي کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، گمبٽ ۾ غازي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت ٻين  تي اي ٽي سي جا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، علي ڏنو اڄڻ، ذاڪر حسين عالماڻي،عبدالستار سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انتظاميا، سنڌ حڪومت، قبضا مافيا سان گڏجي سنڌي وسنديون خالي ڪرائڻ چاهي ٿي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت  ڪريون ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.