ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري هوٽل ڪري پئي، 5 ريسٽورينٽ سيل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  دو درياهه تي سمنڊ ڪناري اڏيل هڪ هوٽل ڊهي پاڻي ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا. پوليس موجب هوٽل بند هجڻ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، هوٽلون ڪاٺ سان ٺهيل آهن،لڳي ٿو مسلسل برسات جي ڪري هوٽل ڪمزور ٿيو آهي. هوڏانهن واقعي بعد ڪراچي ڏکڻ ضلعي انتظاميا ڊيفنس جي دو درياهه تي قائم غير معياري ۽ خطرناڪ 5 هوٽلن کي سيل ڪري ڇڏيو، ڊپٽي ڪمشنر تبريز صادق مري ڊفينس فيز 8 ۾ بند پيل قهواتي نالي ريسٽورنٽ جي برسات دوران ڪري پوڻ واري واقعي کانپوءِ اي ڊي سي ۽ اي سي سول لائين کي هدايت ڪئي ته هو هوٽلن جي وزٽ ڪري ۽ انهن جو معيار چيڪ ڪري ،  03

لسٻيلي جي ٻوڏ متاثرين کي اڃا تائين امداد نه پهچي سگهي آهي: جمال شاهه ڪاڪڙ

حب(ن ع آ)  پاڪستان مسلم (ن) جي صوبائي صدر اڳوڻي بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جمال شاهه ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي لسٻيلي  ۾ تازي برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي 4 کان 5 سئو گهرن کي نقصان پهتو آهي صوبائي حڪومت جي بي ڌياني سبب ماڻهن کي اڃا تائين امداد نه پهچي سگهي آهي، وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري لسٻيلي جي عوام کي هر ممڪن مدد ڪنداسين،  اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) قلات ڊويزنل صدر مير جميل شاهواني سان ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.