عدالت ادارن پٺيان بيٺل هئي، تڏهن ئي ته شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ٿيون: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال خيبر يونيورسٽي طرفان اپيل جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالت ادارن جي پٺيان بيٺل هئي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ٿيون. سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس چيو ته عدالت ادارن جو ڪم نه ڪندي، ادارن جو ڪم انهن کان ئي ڪرائينداسين، عدالت پنجاب جي هاڻوڪي اليڪشن ۾ به اهو ئي چيو، عدالت ڪنهن اداري جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي، عدالت ادارن جي پٺيان بيٺي هئي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد داخلا رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي رخسانه بنگش ميڊيڪل جو ٻئي سال جو امتحان پنجين ڪوشش ۾ پاس ڪيو هو، جڏهن ته شاگردياڻي باقي سالن جو امتحان به سپليمنٽري ۾ پاس ڪيو. عدالت چيو ته تعليم مڪمل ٿيڻ بعد يونيورسٽي داخلا ان لاءِ رد ڪئي ته پنجون چانس نٿي وٺي سگھي، تعليم دوران يونيورسٽي ۽ پي ايم ڊي سي غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو ايڪشن نه ورتو، يونيورسٽي شروعات ۾ ڪو فيصلو ڪري ها ته ان جو فيصلو درست قرار ڏجي ها. عدالت جو چوڻ هو ته تعليم مڪمل ٿيڻ ۽ پريڪٽس شروع ڪرڻ بعد رجسٽريشن کي رد ڪرڻ انصاف جي ابتڙ آهي. خيبر يونيورسٽي جي درخواست ۾ وڪيل اپيل ڪئي ته عدالت شاگردياڻي کي يونيورسٽي جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي، جنهن تي عدالت چيو ته ڏنڊ لاڳو ڪرڻ لاڳاپيل اداري جو ڪم هو، اسان جو نه. توهان پاڻ ستل رهيا ۽ اسان کي چئو پيا جاڳو، عدالت خيبر يويونيورسٽي جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.