بلوچستان ۾ ٻوڏ:سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين تي سينيٽر ثنا  جمالي جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، قرارداد جي متن ۾ چيوويو ته تازي ٻوڏ سان بلوچستان ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، صوبي جو 90 سيڪڙو انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، صوبي جي آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن ۽ متاثرن کي بنيادي ضرورت جون شيون فراهم ڪيون وڃن، قرارداد ۾ چيو ويو ته حڪومت عالمي ادارن کي به مدد جي درخواست ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.