بلوچستان ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪرڻ جا اطلاع، ڪورڪمانڊر سميت 6 جوان سوار

راولپنڊي/حب( م ڊ+يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي رليف آپريشن جو معائنو ڪندڙ فوجي هيليڪاپٽر گم ٿي ويو، هيليڪاپٽر ۾ ڪورڪمانڊر 12 ڪور سميت 6 ڄڻا سوار آهن. فوجي هيليڪاپٽراوٿل مان ڪراچي اچي رهيو هو ته ايئر ڪنٽرول ٽريفڪ ٽاور سان سندس رابطو ڪٽجي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر به آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جو رابطو ڪٽجڻجي تصديق ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر جي ڳولا جو عمل جاري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل بابر افتخار موجب هيليڪاپٽر رليف جي ڪمن جي نگراني ڪري رهيو هو. هيليڪاپٽر ۾ ڪورڪمانڊر 12 ڪور ( ڪوئيٽا) ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ڊي  جي ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد، 12 ڪور جي انجنيئر برگيڊيئر خالد، ميجر سعيد، ميجر طلحه، لانس نائڪ مدثر سوار آهن. ضلعي انتظاميا هيليڪاپٽر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. سسئي پنهون جي مزار جي ويجهو هيليڪاپٽر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ضلعي انتظاميا هيليڪاپٽر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. سسئي پنهون جي مزار جي ويجهو هيليڪاپٽر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي هيلڪاپٽر جو گم ٿيڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم جوانن جي سلامتي لاءِ دعاگو آهي. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز اوٿل ويجهو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن جي امداد، بچاءُ ۽ طبي ڪمن بابت بريفنگ ورتي. هن علائقي جو فضائي جائزو ورتو.  ڊي آءِ جي  خضدار موجب پوليس ۽ ايف سي جون ٽيمون ڏکين جابلو علائقن ۾ ڳولا ڪن پيون، ڏکيا رستا هجڻ موٽر سائيڪلن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.