بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي کاڌو نه مليو، وزيراعظم پهتو، لاڳاپيل آفيسر معطل

قلعه سيف الله /حب(م ڊ+ن ع آ) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت سومر ڏينهن هتي خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي،وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تمام وڏو آهي، متاثرن جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ دوران ڪيو. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي الميو آهي ته ڊيمن جي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تمام وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو. قيمتي انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر  آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. جڏهن ته  وزيراعظم شهباز شريف طوفاني برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي لاءِ قائم خوشنوب خيما بستيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي ۽ مريضن جو رڪارڊ نه رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوتاهي جي  ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، متاثرن کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿئي، ڪاغذي ڪارروائي برداشت نه ڪنداسين، امدادي سرگرميون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن، وفاقي حڪومت ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي، پلين ۽ روڊن جي بحالي لاءِ سروي کانپوءِ ڪم شروع ٿيندو، متاثرن کي معاوضي جي فوري ادائيگي ڪرڻ گهرجي. افسوس جي ڳالهه آهي ته ٽينٽ بستيءَ ۾ هنيل ڪئمپن ۾ کاڌو ۽ پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون آهن ۽ انهن ٻڌايو ته اهي ٻاهران کاڌو گهرائڻ تي مجبور آهن، امدادي ڪئمپ ۾ کاڌو فراهم نه ڪرڻ تي انتظاميا جي خلاف ايڪشن کنيو ويندو ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ٽينٽ بستيءَ ۾ کاڌي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي تي قلعه سيف الله جي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل مختيارڪارن ۽ پي ڊي ايم اي جي انچارج کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي چيو ته انهن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته ڇو انهن ڪوتاهي ڪئي آهي. اڄ کان خيما بستيءَ ۾ سمورن متاثرين کي کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.