ٻوڏ متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڦٽين جو اگهه 10 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز  چانڊيو) سنڌ آبادگار اتحاد ايندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار، ڪمند جو اگهه 500 روپيا، سارين جو اگهه 2500 ۽ ڦٽين جو اگهه 10 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سنڌ جي برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، سينيئر نائب صدر مير ظفر الله ٽالپر ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تازين برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان پهتو آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار فوري طور تي برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏئي آبادگارن کي رليف فراهم ڪري،  هنن چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، بجلي بلن جي مد ۾ آبادگارن تي بجلي جو بم ڪيرايو ويو آهي، آبادگارن جو بجلي جو بل 25 هزار مان وڌي هڪ لک روپيا مهينو ٿي ويو آهي، آبادگارن ۾ هاڻ ڊيزل خريد ڪرڻ جي به سگهه ناهي رهي، فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي عوام تي اضافي بار وڌو ويو آهي، ڊيزل ۽ ڀاڻ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، ڊي اي پي ڀاڻ في ٻوري 15 هزار روپيا، اين پي 8200 ۽ يوريا 2700 روپيا ٿي وئي آهي، جنهن سان آبادگارن جي پيداوار متاثر ٿئي پئي،  هنن چيو ته حڪومت عالمي مارڪيٽ مان ڪڻڪ تمام مهانگي اگهه 4000 هزار روپيا في مڻ تي خريد ڪري رهي آهي، جيڪا پاڪستان ۾ پهچڻ سان 4500 روپيا في مڻ پوندي، جنهن سان حڪومت کي 11 ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت هتان جي مقامي آبادگارن کي ڪڻڪ جو اگهه 2200 روپيا في مڻ ڏئي ٿي،  جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي ته فوري طور ڪڻڪ جو اگهه 4000 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ آبادگار صرف پنهنجي ضرورت لاءِ ڪڻڪ پوکيندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.