مفتاح اسماعيل جي واپارين کي ٽئڪس ۾ گهٽتائي جي خاطري

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل واپارين کي ٽئڪس ۾ گهٽتائي جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته واپارين خدشا ختم ٿيڻ تائين 17 تاريخ تي احتجاج جو سڏ برقرار رکيو آهي. ناڻي واري وزير سان واپارين جي وفد ملاقات ڪئي. وفد بجلي بلن ۾  ٽئڪس تي خدشا ڏيکاريا. وفاقي وزير چيو ته 30 هزارواري بجلي بل تي ٽئڪس ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي. هوڏانهن بلوم برگ کي انٽرويو ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو، درآمد گهٽائڻ سان رپئي تي دٻاءُ گهٽيو.  هن چيو ته جولاءِ ۾ درآمد 35 سيڪڙو گهٽ ٿي.هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي ادائگيون وقت تي ڪندو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.