تربيلا، ڪالا باغ، چشمه، تونسه، گڊو ۽ سکر وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

اسلام آباد(م ڊ) سنڌو درياهه ۾ تربيلا، ڪالا باغ، چشمه، تونسه، گڊو ۽ سکر وٽ هيٺين درجي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ وچين درجي ۽ ورسڪ وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي،  سومر ڏينهن فيڊرل فلڊ ڪميشن طرفان ٻوڏ جي صورتحال جي باري ۾ جاري رپورٽ مطابق جهلم درياهه، چناب، راوي ۽ ستلج معمول مطابق وهڪرا هلي رهيا آهن،  تربيلا، چشمه ۽ منگلا جي آبي ذخيرن ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو 6، 488 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويو آهي

سنڌ اسيمبلي ۾  زمين حاصل بابت ترميمي بل سميت 3 سرڪاري بل  منظور

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان  زمين  حاصل ڪرڻ واري  ترميمي بل سميت 3 سرڪاري بل  منظور ، سنڌ سرڪار ڪارونجهر جي ڪوٺائي بابت مقامي ماڻهن جي اعتراضن تي جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڏيڍ لک ايڪڙ زمين جي کوٽائي ڪري قيمتي پٿر ڪڍي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا ٽي وڳي شروع ٿيو، دعا کانپوءِ  معدنيات ۽  کاڻين واري کاتي بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير  شبير علي بجاراڻي چيو ته ٿرپارڪر جي ڪارونجهر جبل واري پٽي ۾ 2 لک ايڪڙ زمين اندر 20 ارب ٽن گلابي ۽ ڪارو گرينائيٽ موجود آهي،  ان لاءِ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي کوٽائي ڪري ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو ، حڪومت چاهي ٿي ته کوٽائي لاءِ ليزون ڏنيون وڃن جئين ناڻو ڪمائڻ سان گڏ مقامي ماڻهن کي روزگار جا وسيلا به فراهم ڪيون.هن چيو ته 50 هزار ايڪڙ زمين تي آثار قديمه جا مندر ۽ ٻيون عمارتون ،توڙي جهنگلي جيوت موجود آهي جيڪو محفوظ علائقو آهي، جتي مقامي ماڻهن جي خدشن ۽ اعتراضن سبب کوٺائي جو ڪم  رڪيل آهي، هن چيو ته ڪارونجهر جبل تي کوٽائي بند آهي، مقامي ماڻهن جي اعتراضن تي مون ، سردار  شاهه، قاسم سومرو ۽ ٻين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي گڏجاڻيون ڪري سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جنهن عوامي گڏجاڻيون ڪري رپورٽ جوڙي ورتي آهي، ان تي نظرثاني ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي، هن چيو ته کاتي 2021 کان هاڻي تائين 8 هزار 54 ملين رپين جي آمدني حاصل ڪئي آهي.ان کانپوءِ پارليماني ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار شاهه زمين جو حاصل ڪرڻ ترميمي بل ۽ سنڌ لينڊ روينيو ترميمي بل پيش ڪيا، جيڪي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ايوان مان پاس ڪرائي ورتا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.