ڪنڌڪوٽ ڀرسان ٻن معصوم ڀينرن سميت 3 نينگريون تلا ءُ ۾ ٻڏي فوت

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) زرڳڻ ويجهو ڳوٺ جمعو گولو ۾ پاڻي تلاءُ ۾ 2 ڀينرن سميت 3 نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون، تلاءُ ۾ 9 ورهين جي آمنا، 7 ورهين جي روزينا، 5 ورهين جي جميلان تلاءُ ۾ ٻڏي فوتٿي ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽنهي نينگرين جا والدين زمين تي رونبي ڪري رهيا هئا ته ٽئين نينگريون پنهنجي والدين طرف وڃي رهيون هيون ته بيٺل پاڻي جي تلاءُ مان گذرندي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.وارثن کي نينگرين جي ٻڏي وڃڻ جي اطلاع بعد وارثن ٽنهي نينگرين جا لاش تلاءُ مان ڪڍي ڪنڌڪوٽ جي نجي اسپتال وٽ آندا جتي نجي اسپتال جي ڊاڪٽر نينگرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ وارثن ٽنهي نينگرين کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد نينگرين جا مڙه وارثن حوالي ڪيا ويا.ٽنهي نينگرين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.نينگري آمنا جي والد جان محمد گولو ۽ نينگري روزينا ۽ جميلا جي والد نواز گولو جو چوڻ هو ته ظلم ۽ ڪهر ٿي ويو نينگريون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون آهن هنن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ صحت جون سهولتون ناهن اسان جي ڳوٺ ۾ صحت جي سهولتون هجن ها ته شايد اسان جي نينگرين جي جان بچي سگهي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.