”وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ ڀڃڪڙي“ عمران خان تي سخت تنقيد

اسلام آباد( م ڊ) عمران خان پاران پنجاب جي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي آهي، جڏهن ته حامد مير جو چوڻ آهي ته عمران خان پرويز الاهي جي چوڻ تي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويٺو. هن چيو ته عمران خان تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي پر اصل ۾ هن کي چيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪجهه صارفن تنقيد ڪئي ته عمران خان پبلڪ آفيس هولڊر ناهي ته وڏي وزير جي ڪرسي تي ڪيئن ويٺو. سي ايم هائوس ۾ پارٽي اجلاس ڪيئن ٿيو، سوشل ميڊيا تي صارفن سوال اٿاريو ته انصافي سرڪاري وسيلن جي استعمال بابت جواب ڏين. بي بي سي موجب سي ايم هائوس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر ٻڌايو ته ” رولز آف پريزيڊنٽس“ موجب ڪو به شخص وڏي وزير جي ڪرسي تي نه ٿو ويهي سگهي، ڀلي وڏو وزير چوي ته به هو نه ٿو ويهي سگهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.