لکي غلام شاھ ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 نوجوان مارجي ويا

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ ٿاڻي جي ڳوٺ رحمت ﷲ مهر جنگو ۾ زمين ۾ مال ڇڏڻ تان مهر برادري جي ڳوٺ جمعو مهر واسي ۽ رحمت الله مهر جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو، جهيڙيدوران لٺيون ۽ گولين جي استعمال سبب ڳوٺ رحمت ﷲ مهر واسي 25 ورهين جو نوجوان ذوالفقار پٽ گلبهار مهر پراسرار نموني مارجي ويو جڏهن ته ڳوٺ رحمت ﷲ مهر واسين جي جوابي حملي ۾ ڳوٺ جمعو مهر واسي 23 ورهين جي نوجوان ابراهيم پٽ محمد رحيم مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش کڻائي سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايا، سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي نوجوانن جا لاش پنهنجي ڳوٺن ۾ پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن لکي غلام شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد توفيق شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي قتل ٿي ويل ٻنهي نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا آهن جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا آهن، قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن ايم ايس لکي سول اسپتال ڊاڪٽر خادم حسين ڀٽي ٻڌايو ته هڪ ڌر جي قتل ٿي ويل نوجوان ذوالفقار مهر جي جسم تي ظاهر ڪوبه نشان ناهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ خبر پوندي ته موت جو ڪارڻ ڪهڙو آهي جڏهن ته ٻئي ڌر جي نوجوان ابراهيم مهر کي گوليون لڳل آهن، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين قتل ٿي ويلن جو ڪيس داخل نٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي، جڏهن ته قتل ٿي ويل ٻنهي ڌرين جي وارثن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.