علي پور ۾ امڪاني ٻوڏ، چناب درياءَ جي ڪناري آباد ماڻهن کي الرٽ جاري

مظفر ڳڙهه(م ڊ) مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ چناب درياهه جي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي انتظاميا طرفان چناب درياهه جي ڪناري آباد ماڻهن کي الرٽ جاري ڪندي کين محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  ريسڪيو ذريعن مطابق ريسڪيو 1122 مڊوالا، ڪندرالا ۽ سيف پور ۾ پوائنٽس قائم ڪري مسجدن ۾ اعلان ڪري ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڏني پئي وڃي، مقامي انتظاميا مڊوالا، جهنجن وسندي ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سيف پور ۾ فلڊ رليف ڪيمپ قائم ڪيا آهن جتي صحت کاتي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جون ٽيمون موجود آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.