دعا زهرا جو ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت دعا زهرا جو ٻيهر ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪيس جي جاچ آفيسر کي ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسر پاران دعا زهرا جو طبي معائنو ڪرائڻ واري استدعا رد ڪئي، 6 آگسٽ تائين ڪيس جو ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏني ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ دعا زهرا جي مڙس ظهير ۽ ڏير شبير کي پيش ڪيو ويو،عدالت جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 17آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.