قمبر ۾ گوپانگ برداري جي ماڻهن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

قمبر ۾ گوپانگ برداري جي ماڻهن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

گوپانگ برداري جي مردن ۽ عورتن ياسمين خاتون، حسين، عبدالشڪور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته برداري جي بااثرن منظور ۽ گامون عرف غفور گوپانگ زبردستي گھر جي ڀت ڀڃي قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته بااثرن خلاف نيڪ مردن توڙي سٽي پوليس آڏو دانهيون آهي پر ڪو به تدارڪ نه پيو ڪري، جڏهن ته بااثر معاملي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙ ڊي آءِ جي لارڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري گھر تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.