حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي ملازمن پاران يونيورسٽي کان ڪاليج کسڻ واري فيصلي خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران سنڌ يونيورسٽي کان ڪاليج کسي ڪاري موري يونيورسٽي کي ڏيڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ملازمن محمد علي گھانگھرو، رستم چانڊيو، جان محمد ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته 70 سال پراڻي يونيورسٽي کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاليج کسي ڪاري موري يونيورسٽي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته اهڙي فيصلي سان سنڌ يونيورسٽي کي مالي خسارو ٿيندو، حڪومت فوري طور پنهنجو فيصلو واپس وٺي يونيورسٽي کي خساري کان بچائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.