ميروخان: شيعا علماءِ ڪائونسل جو امام بارگاهن جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ مجلسن دوران بجلي بندش خلاف احتجاج

ميروخان ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران امام بارگاهن جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ مجلسن دوران بجلي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو.

عزادارن تعلقي ميروخان جي صدر صابر وڌو، سينگار علي، دلدار جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مختيارڪار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عشري جون مجلسون جاري آهن پر مختيارڪار ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود ٺارو وڌو سوڌو ٻين ڳوٺن جي امام بارگاهن توڙي ماتمي روٽن جي صفائي سٿرائي ناهي ڪرائي وئي.

سندن چوڻ هو ته جنهن ڏينهن کان محرم جي عشري جي شروعات ٿي آهي تنهن ڏينهن کان ايس ڊي او سيپڪو نظير شيخ مجلسن وقت بجلي بند ڪري ڇڏيو، جيڪا مومن سان زيادتي آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته امام بارگاهن سوڌو ماتمي روٽن جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي مجلسن وقت بجلي بندش جي سلسلو ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.