ڪنڌڪوٽ ويجھو ٽي نينگريون پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڪنڌڪوٽ ويجھو ٽي نينگريون پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.

ڳوٺ ڪمال گولو ۾ ٽي نينگريون روزينا، آمنا ۽ جميلا گولو گھر ٻاهران راند ڪندي پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ڪري ٻڏي ويون.

ڳوٺاڻن نينگرين کي بيهوشي واري حالت ۾ پاڻي مان ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي.

نينگرين جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ڳوٺ جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.