ميون جي کَلن کي بيڪار سمجهڻ ڇڏي ڏيو! ڦٽي ڪرڻ کان اڳ هي پڙهي وٺو

اسان مان گهڻي قدر ماڻهو اڪثر ميوون ۽ سبزين جون کلون گند جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته اسان انهن جي اڻ ڳڻين فائدن کان اڻڄاڻ آهيون.

پر هاڻ ميوون جي کلن کي بيڪار سمجهڻ ڇڏي ڏيو ۽ انهن جا جيڪي فائدا آهن اهي پڙهو ۽ استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريو.

اها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته سبزين ۽ ميوون جي کلن کي سنڀالڻ نه رڳو توهان جو ماحول صاف سٿرو رهندو آهي پر گهر خاص طور رڌڻي جا مسئلا پڻ حل ٿي سگهن ٿا.

ٽماٽي جون کلون

ٽماٽو روز هر گهر ۾ استعمال ٿيندو آهي پر اها ڳالهه تمام گهٽ ئي ماڻهو ڄاڻيندا هوندا ته ٽماٽي جي کلون وٽامنز ۽ لوڻياٺ جي دولت سان مالامال هونديون آهن.

ٽماٽي جي کلن جي پيسٽ ٺاهي اهو چهري تي لڳائڻ سان سج جي روشني سبب متاثر ٿيندڙ جلد ٺيڪ ٿي ويندي آهي ۽ رنگ پڻ نکرندو آهي.

ليمي جون کلون

گرمي جي مند هجي يا ٿڌ هجي ليمي جو استعمال پڻ اڪثر گهرن ۾ ڪيو ويندو آهي.

ليمي جون کلون ٿانوَ چمڪائڻ سان گڏوگڏ ٿانوَ مان بدبو ختم ڪرڻ ۾ پڻ ڪارائتيون سمجهون وينديون آهن.

ليمي جي کلن جي پيسٽ ٺاهي اها چهري تي لڳائڻ سان جلد تي موجود داغ نه رڳو گهٽجي ويندا آهن پر چهري جو رنگ پڻ نکرندو آهي.

ان سان گڏوگڏ ليمي جون کلن کي ڇاڻي ۾ وجهڻ کانپوءِ ان ۾ تيز گرم پاڻي وجهي ٿوري دير لاءِ ڇڏي ڏيو ۽ وري ان کي صاف پاڻي سان ڌوئي وٺو، ائين ڪرڻ سان ڇاڻي صاف ۽ ان جي بدبو ختم ٿي ويندو آهي.

صوف جون کلون

اسان مان گهڻي قدر ماڻهو صوف جون کلون لاهي کائيندا آهن پر هو خوراڪي لحاظ کان بلڪل درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽرن ۽ خوراڪ جا ماهر ان ڏس ۾ چون ٿا ته صوف کي کلن جا اڻ ڳڻيا فائدا آهن.

صوف جي کلن کي گند جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪرڻ کان بهتر آهي ته توهان کائي وٺو يا وري کلون گڏ ڪري سج جي روشني ۾ خشڪ ڪري وٺو جڏهن هي خشڪ ٿي وڃن ته هڪ شيشي جي دٻي ۾ رکي ڇڏيو.

ان کانپوءِ پاڻي گرم ڪري ان خشڪ صوف جون کلون سٺي نموني اُٻاري ان ۾ ڪجهه قطرا ليمي جا شامل ڪري ڇاڻي وٺو، هي بهترين چانهه ذائقي ۾ بهترين هئڻ سان گڏوگڏ صحت لاءِ پڻ تمام گهڻي ڪارائتي آهي.

آڙو جون کلون

آڙو خوراڪ سان ڀرپور ميوو سمجهو ويندو آهي ۽ ان جي کلن ۾ هڪ اهڙي خاصيت هوندي آهي جيڪوجلد کي نرم، نازڪ ۽ تازي توانو رکندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.