لاهور ۾ انوکو واقعو، ناريءَ نوجوان کي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تخت گاهه لاهور ۾ انوکو واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ ناري نوجوان کي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري ورتو.

رپورٽن موجب منظور احمد پنهنجي پٽ اعجاز احمد کي ايڊيشنل سيشن جج غلام حسين جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي نصيرآباد پوليس کان 5 آگسٽ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته نوجوان جي والدين طرفان شادي کان انڪار تي ناري ٻن ڄڻن سان گڏجي اعجاز احمد کي اغوا ڪيو ۽ نشو ڏئي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، پوءِ زبردستي نڪاح به ڪيو ويو.

نوجوان اعجاز احمد ٻڌايو ته منهنجي والدين ڇوڪريءَ جي والدين کي رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڇوڪريءَ مون کي ڌمڪيون ڏنيون، مان جنهن دڪان تي ڪم ڪندو آهيان اتي پهچي وئي ۽ چيائين ته پاسي تي اچي منهنجي ڳالهه ٻڌ، جڏهن مان ان سان گڏ ويس ته اتي اڳ ئي ٻه ڇوڪرا موجود هئا، جن مون کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مون کي حجره شاهه مقيم پهچايو ويو ۽ هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، مون سان مارڪٽ به ڪئي وئي.

اعجاز احمد انڪشاف ڪيو ته ڇوڪري منهنجي ماسات آهي، جنهن زبردستي مون کان آڱوٺا لڳرايا ۽ نڪاح کانپوءِ ڇڏي ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.