پاڪستان پنهنجي موسم، جابلو ماٿرين ۽ خوبصورت نظارن جي دنيا ۾ مقبول آهي.
هتان جي غيرمعمولي قدرتي خوبصورتي پرڏيهين کي هن ملڪ ڇڪي اچي ٿي.
2017 ۽ 2018 دوران پاڪستان پنهنجون سرحدون سياحت لاءِ کوليون ته دنيا جا ٽاپ ولاگرز هتي آيا ۽ پاڪستان جي خوبصورت ماڳن، ثقافت ۽ کاڌي پيتي جا ولاگز ٺاهي دنيا کي ڏيکاريا.
ان کانپوءِ سڄي دنيا مان ولاگرز پاڪستان اچن شروع ٿيا جن ۾ سنٿيا رچي، روزي گيبريل ۽ ٻيا شامل هئا.
تازو هڪ پولش آمريڪن نوجوان ولاگر سمانٿا پاڪستان آئي هئي جنهن هاڻي پاڪستان ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وڌيڪ ڄاڻيو هن وڊيو ۾