ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ڏيهه واپسيءَ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.
اهڙي دعويٰ سينيئر صحافي ڪامران خان ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪامران خان لکيو ته اعتماد جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قائد ميان محمد نواز شريف ڏيهه واپسيءَ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.
قابل اعتماد زرائع کا کہنا ہے PMLN قائد میاں محمد نواز شریف نے وطن واپسی کا حتمی فیصلہ کر لیا ہے ارادہ ہے میاں صاحب واپسی اسی ماہ ہو اس سے قبل انکی حفاظتی ضمانت ممکن بنائی جائیگی ن لیگ نواز شریف صاحب کی واپسی کو تاریخی سیاسی پاور شو بنائے گی مریم بی بی واپسی انتظامات لیڈ کریں گی pic.twitter.com/bGzuTmjtMT
— Kamran Khan (@AajKamranKhan) August 1, 2022
سندس موجب ارادو آهي ته ميان صاحب جي واپسي هن ئي مهيني ٿئي، ان کان اڳ سندس حفاظتي ضمانت ممڪن بڻائي ويندي.
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ن ليگ نواز شريف صاحب جي واپسي کي تاريخي سياسي پاور شو بڻائيندي، مريم بي بي واپسيءَ جا انتظام ليڊ ڪندي.