خبردار متان هن وڻ جي ويجهو به ويا آهيو، وڏو ڏنڊ لڳي سگهي ٿو

دنيا جي سڀ کان وڏي وڻ هائپرون تائين ماڻهن کي وڃڻ کان روڪي ويو آهي.

هائپرون جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي وڻ طور لکيل آهي جيڪو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ريڊ ووڊ نيشنل پارڪ ۾ موجود آهي.

نيشنل پارڪ جي انتظاميا طرفان گذريل هفتي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وڻ جي ويجهو وڃڻ واري فرد کي 6 مهينا قيد ۽ 5 هزار ڏنڊ جي سزا جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

هن وڻ کي 2006ع ۾ ماهرن دريافت ڪيو ۽ هي 115.92 ميٽر ڊگهو آهي.

نيشنل پارڪ جي نيچرل ريسورسز چيف ليونل آرگيلو چيو ته هن علائقي ۾ موبائيل فون ۽ جي پي ايس سروسز محدود آهن، جنهن ڪري اتي ڪنهن جي گم ٿيڻ يا زخمي ٿيڻ تي فوري طور طبي امداد ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته وڻ جي پاڙ جي ٿيندڙ نقصان کان هٽي ڪري به ماڻهن جي رش ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهو اتي گند پکيڙي رهيا آهن جيڪا سٺي ڳالهه ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.