اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين نور عالم خان ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل تي ڪڙڪي پيو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نور عالم خان چيو ته سڄي دنيا ۾ ڊيزل سستو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ مهانگو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ناڻي وارو وزير ناڪام آهي، معيشت ڇڏي ڏئي، ٽافيون کپائي.