” مس مارول ۾ ڀارت جي ورهاڱي وارن منظرن روئاري ڇڏيو“

تازو ئي پڄاڻي تي پهچندڙ ” مس مارول “ ۾ عائشه جو ڪردار ادا ڪندڙ مهوش حيات چيو آهي ته ويب سيريز دوران ورهاڱي وارو منظر شوٽ ڪرائيندي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا.

هن ويب سيريز جي چوٿين ۽ پنجين قسط ۾ ڀارت جي ورهاڱي ۽ تحريڪ پاڪستان جا ڪيئي منظر ڏيکاريا ويا آهن، جن تي گهڻي قدر شوقينن تنقيد ڪئي هئي ته ڄاڻايل منظرن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.

هاڻ مهوش حيات مٿي ڄاڻايل منظر ۽ ويب سيريز جي چوٿين ۽ پنجين قسط جي هدايتڪاري ڪندڙ شرمين عبيد چناءِ جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته هن ويب سيريز کي يادگار بڻايو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mehwish Hayat (@mehwishhayatofficial)

مهوش حيات انسٽاگرام تي شرمين عبيد چناءِ سان گڏ مس مارول جي پريميئر دوران ڪڍرايل تصوير شيئر ڪندي سندس لاءِ تعريفي پوسٽ لکي ۽ ويب سيريز ۾ پاڪستان کي بهتر انداز ۾ ڏيکارڻ تي سندس ٿورا پڻ مڃيا.

مهوش حيات پنهنجي ڊگهي پوسٽ ۾شرمين عبيد چناءِ جي واکاڻ ڪئي ۽ لکيو ته ويب سيريز ۾ هن انتهائي زبردست طريقي سان ڪراچي جا منظر ڏيکاريا جن کي ڏسندڙن پاران ڪراچي لاءِ پيار جو خط پڻ قرار ڏنو ويو هو.

پنهنجي ڪردار بابت هن لکيو ته عائشه جي ڪردار کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي پڻ سندس ٿورائتي آهيان.

پنهنجي پوسٽ ۾ هن وڌيڪ لکيو ته ورهاڱي وارن منظرن تي سچائي سان اسڪرين تي پيش ڪرڻ تي شرمين عبيد چناءِ جس لهڻي، جڏهن ته اهي منظر شوٽ ڪرائيندي منهنجي اکيون آليون ٿي ويون هيون.

ڇهن قسطن تي ٻڌل مس مارول جي پهرين قسط گذريل مهيني اٺ جون جڏهن ته آخري قسط هلندڙ مهيني جولاءِ جي وچ ڌاران ڊزني پلس تي ريليز ڪئي وئي هئي ۽ ويب سيريز جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.