پاڪستاني نوجوان جي نيڪي تي سعودي ولي عهد ساڻس ملڻ لاءِ بيچين !

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ملازمت ڪندڙ پاڪستاني رائيڊر سعودي ولي عهد جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي جو هاڻي سعودي ولي عهد به ساڻس ملاقات لاءِ بي چين آهي ۽ پرڏيهه مان واپس ايندي اي پاڪستاني رائيڊر عبدالغفور سان ملاقات ڪندو.

سعودي عرب جي ولي عهد کي پاڪستاني رائيڊر جي نيڪي پسند آئي آهي جنهن کي هن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو آهي.

محمد بن سلمان پاران ٽوئٽر تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪستاني رائيڊر روڊ تي پيل وڏا بلاڪ ڏسي بيهي رهي ٿو ۽ ٽريفڪ ۾ وٿي اچڻ تي اهي بلاڪ رستي تان هٽائي ڇڏي ٿو.

پاڪستاني شهريءَ جي اهڙي نيڪي سعودي ولي عهد کي ايتري پسند آئي آهي جو هن جلد ساڻس ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪندي پرڏيهي دوري تان واپس ايندي ئي ساڻس ملاقات جو اعلان ڪيو آهي.

شهزادي پاڪستاني رائيڊر کي فون ڪري به سندس واکاڻ ڪئي جنهن تي رائيڊر عبدالغفور خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.