ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي قائم ريسٽورينٽ لڙهي ويو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس دو دريا ويجهو هڪ پراڻو ريسٽورينٽ ڪري پيو.

گذريل رات پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيڻ تي ريسٽورينٽ جا بنياد ڪمزور ٿي ويا ۽ ڪاٺ سان ٺهيل ريسٽورينٽ جي ڀت ۽ ڪجهه حصو ڪري پيو.

پوليس ۽ ٻين اختيارين واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي ڪئي ان کان اڳ موجود شهرين هيٺ ڪريل زخمين کي بچائي ورتو.

حادثي کانپوءِ پوليس ريسٽورينٽ جي مقام تي رنڊڪون لڳائي ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.