اڃاري ڪانءُ جي سياڻپ سان جڳ مان پاڻي پيئڻ واري ڪهاڻي جي حقيقي وڊيو ڏسو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍپڻ ۾ اڃاري ڪانءُ جي سياڻپ سان جڳ مان پاڻي پيئڻ واري ڪهاڻي ڪتابن ۾ پڙهائي ويندي هئي جنهن جي حقيقي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

وڊيو ۾ ڪهاڻي کي حقيقت ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ هڪ اڃارو ڪانءُ سياڻپ سان پنهنجي اڃ اجهائي ٿو.

وڊيو ۾ هڪ ڪانءُ بوتل ۾ گهٽ پاڻي ڏسي ويجهو پيل پٿر بوتل ۾ وجهي ٿو جنهن سان پاڻي مٿي اچي ٿو ۽ هو پنهنجي اڃ اجهائي ٿو.

اها وڊيو واهپيدارن کي بي حد پسند اچي رهي آهي جنهن کي ڪيترائي ڀيرا شيئر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.