سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ ريفرنس داخل ڪرڻو پيو ته ڪنداسين: طارق بشير چيما

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ جي سيڪريٽري جنرل طارق بشير چيما چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچي وڃي ته پوءِ جائزو وٺنداسين، ريفرنس داخل ڪرڻو پيو ته ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي طارق بشير چيما چيو ته اسان پهريون ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته عمران خان کي ووٽ نه ڏينداسين، چوڌري شجاعت مون کي اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته ڪابينا مان استعيفيٰ ڏيو، مان جواب ۾ چيو ته اڳ به عمران خان کي ووٽ نه ڏيڻو هو.

سندس موجب چوڌري شجاعت، پرويز الاهي کي چيو هو ته منهنجا اميدوار بڻجو عمران جا نه، اڄ به چوڌري شجاعت چئي ٿو ته پرويز الاهي منهنجو وزير اعليٰ بڻجي، پي ٽي آءِ ڀلي پرويز الاهي کي تاحيات وزير اعليٰ رکڻ جو اعلان ڪري پر اسان عمران جو ساٿ نه ڏينداسين.

ق ليگ سيڪريٽري جنرل چيو ته چوڌري شجاعت چئي ٿو ته خط پڙهي وٺندس، ڪنهن جي گهر وڃڻ ڪا سازش ناهي هوندي، چوڌري شجاعت ئي هر پارٽي ليڊر سامهون ويندو هو، خدا ڪري اهو خاندان ٺهي وڃي، چوڌري شجاعت کي اڄ به عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي.

طارق بشير چيما چيو ته پنجاهه ڀيرا چيو آهي ته مون کي عمران خان جو وزير ناهي ٿيڻو، عمران خان چوندو ڪجهه ٻيو آهي ڪم ڪجهه ٻيو ڪندو آهي، عمران خان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، مان ساڍا 3 سال عمران خان تي تنقيد ڪئي، هو نالائق ۽ نا اهل آهي.

هن چيو ته اسان جي پارٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چوڌري شجاعت شريف ماڻهو آهي، هن جي پٺيان ان لاءِ پيا آهن جو هو عمران سان گڏ ناهي، مسلم ليگ ق برقرار آهي ۽ برقرار رهندي، چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي مڃيل سياستدان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.