پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو: اليڪشن ڪميشن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو سڀاڻي صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو.

اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ جو ڪيس 8 سالن تائين ٻڌڻي هيٺ رهيو، جنهن جو فيصلو 21 جون تي محفوظ ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.