چوڌري شجاعت خاموشي ٽوڙي ڇڏي، اهم پريس ڪانفرنس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پرويز الاهي کي پنهنجي رهائشگاهه تي موٽڻ جي دعوت ڏيان ٿو، رهائشگاهه تي هڪ پاسي منهنجو ڪمرو آهي ته ٻئي پاسي پرويز الاهي جو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري شجاعت چيو ته ڳالهيون گهڻيون ڪرڻيون هيون، جنهن لاءِ هتي آيو آهيان، سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ سڀ ٺيڪ ٺاڪ رهندو.

هن چيو ته سچ ڳالهائڻ ڏوهه ٿيندو پيو وڃي، گاريون ڏنيون وينديون آهن، سچ ڳالهائڻ گهرجي، منهنجي پٽن بابت ڳالهه ڪئي وئي ۽ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پٽن هر موقعي تي مون کان پڇي ڪم ڪيو ۽ مون کي پنهنجي پٽن تي فخر آهي.

سندس چوڻ هو ته الزام لڳائيندڙن جي پنهنجي حيثيت ناهي، عمران خان سان منهنجي پٽن جي ملاقات جو چيو پيو وڃي، سياستدانن تي الزام لڳايا پيا وڃن، معيشت جي تباهي جو الزام سياستدانن تي لڳايو پيو وڃي، سمورا الزام سياستدانن تي لڳي رهيا آهن، آرمي چيف کي ڇو مداخلت ڪرڻي پئي؟ سياستدانن جو ڏوهه آهي، جنهن سبب آرمي چيف کي مداخلت ڪرڻي پئي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات بابت چوڌري شجاعت چيو ته اڳوڻو صدر پاڻ منهنجي گهر آيو، الله جي ڪرم سان اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ق ليگ ڪٿي ٽٽي آهي؟ ناهي ٽٽي، هوش کان ڪم وٺو، پنهنجي خاندان ۽ گهر جو مذاق نه بڻايو، انهن پارٽي ۽ خاندان کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته سڀني کي اسان جي خاندان جي ڳڻتي آهي، مان ۽ طارق بشير چيما ان وقت جي وزيراعظم عمران خان ملڻ وياسين ته چيو ويو مونس خلاف ڪرپشن جا الزام آهن، سالڪ کي وزير ٿا بنايون پر مان چيو مونس ئي وزير بڻجندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.