ويسٽ انڊيز جي اسٽار آل رائوندڙ ڊيانڊرا ڊوٽن ٽيم جي ڪلچر جو جواز ڄاڻائي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊيانڊرا ڊوٽن سوشل ميڊيا بيان ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ جو حيرت جوڳو اعلان ڪندي چيو ته رٽائرمنٽ جي اعلان جو ڪارڻ جو ٽيم جو ڪلچر آهي.
هن چيو ته ڪرڪيٽ سندس جنون رهيو آهي پر جڏهن حالتون اهڙيون ٿي وڃن ته پوءِ ڪمٽمنٽ جو ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو آهي.
Thanks to all for the love and support with in my past 14 years of playing cricket for West Indies! I look forward to be playing domestic cricket around the world pic.twitter.com/Vmw6AqpYQJ
— Deandra Dottin (@Dottin_5) July 31, 2022
ويسٽ انڊين آل رائونڊر چيو ته ٽيم جو ماحول اهڙو ٿي چڪو آهي جو افسوس سان الڳ ٿيڻو پئجي رهيو آهي.
اسٽار ويسٽ انڊين آل رائوندڙ اڄلڪهه برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز جي مقابلن حصو وٺن لاءِ موجود آهي. هوءَ وومين ٽي ٽوئنٽي ايونٽ ۾ باربڊوس جي قيادت ڪري رهي آهي.
ڊيانڊرا ڊوٽن 143 ون ڊي ۽ 126 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مقابلن ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي آهي.