خبردار جي تائيوان جو دورو ڪيو اٿوَ، چين آمريڪا کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو

چين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر نينسي پلوسي تائيوان جو دورو ڪيو ته او ڀوائتن سياسي اثرن جو سبب بڻجندو .

آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر نينسي پلوسي 4 ايشيائي ملڪن جي دوري تي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هوءَ اڄ سنگاپور پهتي آهي، سندس دوري ۾ تائيوان جو نالو شامل ناهي پر آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نينسي پلوسي تائيوان جو دورو پڻ ڪندي.

نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري وارين خبرن تي ردعمل ڏيندي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس جي اسپيڪر تائيوان جو دورو ڪيو ته چيني فوج هٿ تي هٿ رکي نه ويهندي.

چيني ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي جو تائيوان جو دورو ڀوائتن سياسي اثرن جو بڻجندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.