سمارٽ فون ذريعي اهم وائرس جي سڃاڻپ ڪرڻ واري ڊيوائس تيار

سائنسدانن سمارٽ فونز کي زيڪا وائرس جي ٽيسٽ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.

ان مقصد لاءِ هڪ نئين ڊيوائس تيار ڪئي وئي آهي جيڪا سمارٽ فون سان منسلڪ ڪري رت جي هڪ ڦڙي مان زيڪا وائرس جي سڃاڻپ جي ٽيسٽ ڪري سگهندي.

آمريڪا ۾ Illinois Urbana-Champaign يونيورسٽي جي تحقيق جا نتيجا جرنل اينالسٽ ۾ ڇپيا آهن.

ماهرن ڄاڻايو آهي ته مڇرن سبب پکڙجندڙ وائرسز سنگين بيمارين جو سبب بڻجندا آهن پر انهن بيمارين جون علامتون ملندڙ جلندڙ هونديون آهن ته زيڪا، مليريا يا ڊينگي ٿيڻ تي توهان ڊاڪٽر وٽ ويندا آهيو ته کين خبر ناهي هوندي ته توهان کي ڪهڙي بيماري آهي.

هنن چيو ته زيڪا جي تصديق تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ڳورهاري عورتن ۾ اهو وائرس تازن ڄاول ٻارن ۾ پيدائشي خامين جو سبب بڻجندا آهن.

هن وقت زيڪا وائرس مان ٿيندڙ بيماري جي سڃاڻپ ڪنهن ليبارٽري ۾ پي سي آر ٽيسٽ ذريعي ڪئي ويندي آهي، اها ٽيسٽ ترت نتيجا ڏيندي آهي پر ان لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڏکئي طريقيڪار تي عمل  ڪرڻو پوندو آهي.

پر سمارٽ فون ٽيسٽ ۾ طريقيڪار سادو آهي.

Loop-Mediated Isothermal Amplification ( ليمپ ) نالي ٽيسٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊيوائس ۾ هڪ ڪارٽرج لڳائڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن کانپوءِ رت جو هڪ ڦڙو ٽپڪائڻو پوندو آهي.

ڊيوائس ۾ موجود ڪيميڪلز 5 منٽن اندر رت جي خلين جي ڇنڊڇاڻ ڪندا آهن.

جنهن بعد ڪيميڪلز جو ٻيو سيٽ وائرل جينياتي مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي ۽ زيڪا وائرس موجود هوندو ته ڪارٽرج جي سطح سائي ٿي ويندي آهي.

ان سڄي عمل ۾ 25 لڳندا آهن.

محققن ٻڌايو ته اسان ڪلپ آن ڊيوائس تيار ڪئي آهي ته جيئن سمارٽ فون جي بيڪ ڪيمرا ٽيسٽ دوران ڪارٽرج کي ڏسي سگهي، جيڪڏهن نموني ۾ وائرس موجود هوندو ته ڪارٽرج ۾ سائو رنگ نمايان ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.