ن ليگ جو عمران خان خلاف وڏو ايڪشن

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کان معافي جي مطالبي لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪيو ويو.

ن ليگ ميمبر سعديه تيمور طرفان عمران خان کان معافي گهرڻ جي مطالبي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو.

سعديه تيمور طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان عمران خان جي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ جي مذمت ڪري ٿو، پارليامينٽ مان ڪڍيل شخص جو وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ عهدي جي توهين آهي.

ٺهراءَ جي متن م چيو ويو آهي ته رد ٿيل شخص پنجاب جي 12 ڪروڙ عوام جي توهين ڪئي، عمران خان پنجاب جي عوام کان فوري طور معافي وٺي.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن لاهور جي دوري تي پهتو هو، جتي هن پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي هئي.

ان موقعي تي عمران خان جي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهڻ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.