فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي بابت وڏي خبر اچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشان چيو آهي ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي ويندو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته عمران خان خلاف ويٺل ماڻهو کيس ڊيڄاريندا رهندا آهن ته هو نااهل ٿي ويندو پر ائين ناهي، ان تي ڪا پابندي لڳندي نه هو نااهل ٿيندو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور ٿيو، اهو غير قانوني آهي، پرويز الاهي ان کي روڪي ها.

سندس موجب چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهرجي ته هو اسپيڪر کي طلب ڪري پر انهن جي ته چونڊ ئي غير قانوني آهي ۽ ڪالعدم ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.