اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل چوڌري خليق الزمان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هن پنهنجي استعيفيٰ نيب چيئرمين کي موڪلي ڇڏي آهي، استعيفيٰ جي متن ۾ چوڌري خليق الزمان لکيو آهي ته ڪجهه حالتن سبب نيب سان ڪم نٿو ڪري سگهان.
ذريعن موجب چوڌري خليق الزمان موجوده نظام سان ڪم ڪرڻ ۾ خوش نه هو.