ٽرانسپورٽرن سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پبلڪ ٽرانسپورٽرن 2 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هي هڙتال انڪم ٽيڪس، ٽوڪن ٽيڪس، ٽول ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ڪئي پئي وڃي.

ان حوالي سان پبلڪ ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته حڪومت ٽيڪس 3 لک مان وڌائي 4 لک 8 هزار رپيا في سيٽ ڪيو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي انڊسٽري جو درجو ڏنو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کي آسان بڻايو وڃي، ٻين صوبن جيان پنجاب ۾ به روٽ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي.

 ٽرانسپورٽرن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ وارڊن ۽ هاءِ وي پوليس کي غير قانوني چالانن کان روڪيو وڃي، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اڻ ڄاڻايل مدي تائين هڙتال ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.