دعا زهرا کي ڪنهن ڪنهن ڌمڪايو؟ شهلا رضا به الزامن هيٺ اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) دعا زهرا ڪيس ۾ هر ڏينهن نوان نوان انڪشاف ۽ دعوائون سامهون اينديون رهن ٿيون ۽ هاڻي اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته دعا زهرا کي شهلا رضا پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون.

دعا زهرا ۽ ظهير جو شادي کانپوءِ پهريون انٽرويو ڪندڙ يوٽيوبر زنيرا ماهم پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا تي ڳنڀير الزام لڳائي ڇڏيا آهن.

هڪ پريس ڪانفرنس ۾ زنيرا ماهم چيو ته جڏهن دعا زهرا سان پهريون ڀيرو ملي ته هنن مون کي چيو ته مان سندس مدد ڪريان، ان بيان بابت دعا جون صحيحون به موجود آهن جنهن ۾ دعا مون کي چيو هو ته شهلا رضا طرفان ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ مون تي ٽارچر ڪيو ويندو رهيو.

زنيرا موجب دعا مون کي ٻڌايو ته شهلا رضا مون وٽ ٽي ٽي ڪلاڪ ويٺي هوندي هئي ۽ خطرناڪ ڳالهيون ڪندي هئي.

زنيرا الزام لڳايو ته شهلا رضا دعا کي چوندي هئي ته تنهنجو پيءُ هن ڪيس ۾ پيسا خرچ نه پيو ڪري مان ڪري رهي آهيان.

هن چيو ته شهلا رضا ڪهڙي حيثيت سان دعا زهرا ڪيس تي پيسا خرچ ڪري رهي هئي؟ هو ان کان اڳ به سرعام پنهنجن بيانن ۾ چئي چڪي آهي ته مان اڃان جيئري آهيان، ڇوڪري کي پيءُ ڏانهن موڪلينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.