آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز انگلينڊ جي ناري سان شادي ڪري ڇڏي

آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز پنهنجي گرل فرينڊ بيڪي بوسٽن سان شادي ڪري ورتي آهي.

پيٽ ڪمنز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي شادي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ آسٽريلوي ڪپتان کي ڪاري رنگ جو سوٽ ۾ ڏسي سگهي جڏهن ته سندس ڪنوار بيڪي روايتي طرز جو اڇو عروسي جوڙو پهريو آهي.

آسٽريلوي ڪپتان تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو ته ”Just Married “

ياد رهي ته پيٽ ڪمنز جي گهرواري بيڪي بوسٽن جو واسطو انگلينڊ سان آهي جيڪا هڪ انٽيريئر ڊيزائنر آهي ۽ هڪ آن لائين اسٽور هلائيندي آهي.

ڪرڪيٽر بيڪي سان 2020ع ۾ منڱڻي ڪئي هئي جڏهن ٻنهي وٽ 2021ع ۾ پٽ جي پيدائش ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.