اوگرا ايل پي جي سستي ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا آگسٽ لاءِ ايل پي جي قيمت گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 51 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي.

ان لاٿ کانپوءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 217 رپيا 92 پئسا ٿي وئي آهي.

ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سئلينڊر 29 رپيا 56 پئسا سستو ٿيو آهي ۽ ان جي نئين قيمت 2 هزار 571 رپيا 41 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

جولاءِ ۾ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 2 هزار 600 رپين 97 پئسن جو هو.

اوگرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نوان اگهه اڄ کان ئي لاڳو ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.