صحت: ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ باوجود مريض هڪ ٻئي ڊگهي مدي واري طبي مسئلي جو شڪار ٿي سگهن ٿا

ڪووڊ 19 سبب متاثر 5 سيڪڙو مريضن کي بيماري کانپوءِ سنگهڻ ۽ چکڻ واري حس ۾ ڊگهي مدي وارين تبديلن جو منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

هڪ نئين طبي تحقيق ۾ موجب سڄي دنيا ۾ ڪووڊ جي 55 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ مريض سنگهڻ ۽ چکڻ واري حس کان ڊگهي مدي تائين محرومي کي منهن ڏئي سگهن ٿا.

برٽش ميڊيڪل جرنل ۾ شائع ٿيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنگهڻ ۽ چکڻ واري صلاحيت کان محرومي سبب زندگي جو معيار ۽ صحت متاثر ٿي سگهي ٿي جنهنڪري ڊگهي مدي واري ڪووڊ جو جو ٻوجهه وڌي سگهي ٿو.

طبي ماهرن پاران 18 تحيقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو جنهن ۾ 3699 مريض شامل هئا.

محققن دريافت ڪيو ته بيماري کانپوءِ 5 ڏهائي 6 سيڪڙو مريض سنگهڻ ۽ چکڻ واري صلاحيت کان محرومي جو تسلسل برقرار رهيو جڏهن ته چار ڏهائي چار سيڪڙو مريض چکڻ واري حس کان محروم هئا.

بيماري جي 30 ڏينهن بعد رڳو 74 سيڪڙو مريضن سنگهڻ جڏهن ته 79 سيڪڙو چکڻ واري حس جي بحالي کي رپورٽ ڪيو.

6 مهينن بعد 96 سيڪڙو سنگهڻ جڏهن ته 98 سيڪڙو چکڻ واري حس بحال ٿيڻ کي رپورٽ ڪيو.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته عورتن ۾ ان صلاحيت جي ڊگهي مدي کان محرومي جو خطرو مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

طبي ماهرن اهو مڃيو آهي ته سندن تحقيق ڪجهه حوالن سان محدود هئي پر سندن چوڻ هو ته نتيجن کي جوڳو تصور ڪري سگهجي ٿو .

هنن چيو ته جيتوڻيڪ بيماري کانپوءِ گهڻي قدر مريضن جي سنگهڻ يا چکڻ واري صلاحيت بحال ٿي ويندي آهي پر اهڙن ماڻهن جو انگ به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ته جيڪي ڊگهي مدي واري محرومي جو منهن ڏسي سگهن ٿا جن لاءِ فوري علاج جي ضرورت هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.