وزيراعظم طرفان بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، لاڳاپيل آفيسر معطل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ قائم رليف ڪئمپن ۾ شهرين کي کاڌو ۽ پاڻي نه ملڻ جي شڪايتن تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي .

وزيراعظم بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقي قلعه سيف الله پهتو، جتي هن ٻوڏ سٽيلن جي ڪئمپ جون حالتون ڄاڻي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان موقعي تي وزير اعظم لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ڪيو به اٿوَ يا رڳو ڪاغذي ڪارروائي ٿي رهي آهي، ٻوڏ متاثر پاڻ چئي رهيا آهن ته کين کاڌو پيتو ناهي مليو، جڏهن ته ميڊيڪل جو ڪو به رڪارڊ ناهي.

بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم جي حڪمن تي ترت ايڪشن کڻندي ڊي سي، تپيدار ۽ پي ڊي ايم اي ڪئمپ جي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ خبردار پڻ ڪيو ته جنهن به ڪئمپ يا متاثر علائقي مان رليف نه پهچڻ جو اطلاع مليو اتي موجود عملدار پاڻ کي معطل سمجهن.

وزيراعظم صوبائي حڪمت سان گڏجي متاثرن جي بحالي ۽ آبادڪاري سميت ٿيل نقصان جي ازالي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته فوتين جي وارثن کي 20 لک رُپيا ڏئي رهيا آهيون، 10 لک رُپيا وفاقي حڪومت ۽ 10 لک رُپيا صوبائي حڪومت ڏئي رهي آهي، وفاق طرفان ڏهه لک رُپيا فوري طور ڏنيا ويندا.

شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان صوبائي حڪومت سان گڏجي امداد بحالي وارا ڪم ڪنداسين، مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن کي 5 لک رُپيا جڏهن ته گهٽ نقصان وارن گهرن لاءِ 2 لک رُپيا ڏنا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.